اسلام آباد – 21 جن??ري (اي پي پي) توانائي ??اري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته سمور??ون عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنس??ون پاڪستان جي معيشت ۾ واڌ جو اعتراف ڪري ره??ون آهن، مسلم ليگ (ن) پنهجي حڪومت جي آخري سال واڌ جي شرح 5.4 سيڪڙو ڏيکارڻ جي لاءِ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا اڌ ڪيا، ڪرنٽ اڪائونٽ خ??ار?? 20 ارب ڊالر ۽ گردشي قرض 450 ارب روپين تائين وڌايو، ضياءُ الحق کي پنهنجو والد چوڻ وارا ان جي دور جو حساب ڏين. قومي اسيمبلي ۾ احسن اقبال جي اعتراض واري نقطي تي جواب ۾ حماد اظهار چيو ته هي پارليامينٽ سڀني کان وڏو فورم آهي، مخالف ڌر جي مباحثي جي چئلينج جو جواب انهي فورم تي دليلن سان ڏئي سگهون ٿا، هن چيو ته جڏهن مخالف ڌر وٽ دليل ختم ٿي ويندا آهن ته هو هتي رٽيل تقريرون ٻڌائيندي آهي، اسان ڪووڊ -19 جي وبا جي باوجود معيشت جي واڌ جي شرح کي 5.37 سيڪڙو تائين پهچايو، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي دور ۾ 20 ارب ڊالر جو واپاري خ??ار?? ڇڏيو، سرڪلر ڊيٽ 450 ارب روپين تائين وٺي وئي، ٻاهريان قرض کڻي هنن گروٿ 5.4 سيڪڙو ڏيکاري، انهن جي حڪومت ۾ شامل ماڻهو اهو چوندا هئا ته معيشت ان مقام تي پهچي چڪي آهي ته ايندڙ حڪومتون ان کي سنڀالي نه سگهندا. هن چيو ته اسان جي حڪومت 2 ارب ڊالر ڪرنٽ اڪائونٽ خ??ار?? تي اسان 5.37 سيڪڙو واڌ تي پهتا آه??ون ۽ هن سال ان ۾ به اضافو ٿيندو، اسان جي روانگي واپار ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذّخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي، پ??ري دنيا جي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنس??ون اسان جي معاشي واڌ جو اعتراف ڪري ره??ون آهن، اڪانومسٽ پاڪستان جي معيشت کي دنيا جي ٽن وڏين معيشتن ۾ شامل ڪيو آهي، هن چيو ته هتي آمرن جي دور جو جواب نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ??ئي جڏهن ته انهن مان جنرل ضياءُ الحق جي دور کي ڪڍيو ويو، ان کي پنهنجو والد چوڻ وارا ان جي دور جو جواب ڏين، ان کان اڳ احسن اقبال اعتراض واري نقطي تي چيو ته ملڪ ۾ صدارتي نظام جون ڳاله??ون ٿي ره??ون آهن، اسان آئين جو تحفظ ڪنداسين، پارلياماني نظام حڪومت ۾ حڪومتون عوام ۽ پارليامينٽ کي جوابده آهن جڏهن ته صدارتي نظام ڪنهن طور تي عوام جي مفاد ۾ نه آهي، ان معاملي تي ايوان ۾ بحث ڪرايو وڃي، هن چيو ته ٻ??ون قومون جمه??ري تسلسل جي ڪري ترقي ڪئي جڏهن ته اسان مختلف تجربن سان پنهنجو نقصان ڪيو، سڀني کي گڏجي فيصلو ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان جي ترقي جو واحد رستو آئين جي عملداري آهي، ڪو فرد يا ادارو ايترو طاقتور نه آهي ته هو اڪيلو ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهي، ان جي لاءِ اجتماعي ڪوششن ۽ جامع گورننس جي ضرورت آهي، پارلياماني نظام ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر اختلاف راءِ باوجود ٻه ڦيٿا بڻجي ملڪ کي هلائيندا آهن، اسان کي آئين جي ڏنل روح موجب هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ جو حوصلو اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.