برسلز – 07 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران ڳڻتي جوڳو آهي، عالمي برادري افغان عوام کي انساني ۽ م??اش?? معاونت فراهم ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري. اهي ڳالهيون هن برسلز ۾ مو??ود نيٽو هيڊڪوارٽر ۾ نيٽو جي سيڪريٽري جنرل جينز اسٽولٽن برگ سان ملاقات ۾ چيون. ملاقات دوران ٻطرفي گڏيل معاملن، افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ ٻطرفي تعاون سميت علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جون 2019ع ۾ برسلز ۾ سيڪريٽري جنرل سان ٿيندڙ ملاقات جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته اعليٰ سطح جي سياسي ۽ فوجي رابطن گڏيل مفادن جي معاملن تي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ه?? چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پا??ستان پنهنجي سمورن پا??يسرين سان امن جي پاليسي تي عمل پيرا آهي. پا??ستان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت سمورن حل طلب مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پا??ستان جي پڪي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران ڳڻتي جوڳو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي برادري افغان عوام کي انساني ۽ م??اش?? معاونت فراهم ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري. پرڏيهي وزير افغانستان ۾ پناهگيرن جي لڏپلاڻ جي خطري کي روڪڻ، افغانستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهه ۽ منشيات جو مرڪ بڻجڻ کان بچائڻ جي لاءِ طالبان سان عالمي برادري جي تعاون کي لازمي قرار ڏنو. ه?? چيو ته عالمي برادري جو ڌيان افعانستان ۾ پيدا ??يندڙ انساني بحران طرف ڇڪرائڻ جي لاءِ پا??ستان 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي. سيڪريٽري جنرل اسٽولٽن برگ افغانستان ۾ نيٽو جي ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل موجودگي دوران پا??ستان جي حمايت کي ساراهيو.