اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شريف فيملي وٽ رسيدون ۽ ر??ار?? نه آهي ان لاءِ ڪڏهن وڊيو اچي ويندي آهي ته ڪڏهن آڊيو ۽ هاڻي بيان حلفي اچي ويو آهي، بيان حلفي به قطري خط، جعلي ٽرسٽ ڊيڊ ۽ فليٽس ذريعن وانگر ردي جي ٽوڪري ويندو، سڄي ملڪ ۾ اسٽيٽ لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن جو عمل جاري رهندو، سنڌ حڪومت هر سٺي ڪم جي طرح اسٽيٽ لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن ۾ به بلڪل تعاون نه ڪري رهي آهي، سروي موجب پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ 81 هزار 209 مربع ڪلوميٽر زمين جي ڊجيٽلائيزيشن ٿي چڪي آهي، 8 لک 24 هزار 210 ايڪڙ زمين تي قبضو آهي، قبضو ٿيل ??رڪ??ري ۽ پرائيويٽ لينڊ جي ماليت 5500 ارب بڻجي ٿي، قيام پاڪستان کانپوءِ عمران خان واحد وزيراعظم آهي جنهن ??رڪ??ري زمين جي آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪ??و آهي. هو سي ڊي اي بابت خاص مددگار علي نواز اعواڻ سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب ??رڪ??ري ۽ پرائيويٽ زمين ر??ار?? جا سڌارا تڪميل جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪ??ڊسٽرل ميپنگ جي ذريعي لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن سروي آف پاڪستان ڪري رهيو آهي، ماضي ۾ هڪ مساوي کي اسڪين ڪري چيو ويو ته لينڊ ر??ار?? ڪمپيوٽرائيزڊ ٿي چڪو آهي، اهو حقيقت جي ابتڙ هو. هن چيو ته لينڊ ڊجيٽلائيزيشن ۾ پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي حڪومتن مڪمل تعاون ڪيو جنهن س??ن 88 سيڪڙو لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن مڪمل ٿي چڪي آهي، سنڌ حڪومت هر بهترين ڪم وانگر ان معاملي ۾ به تعاون نه ڪيو، سنڌ حڪومت نٿي چاهي ته اسٽيٽ لينڊ جو پتو پوي ته ڪيتري زمين تي قبضو آهي، پيپلزپارٽي 13 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، چائنه ڪٽنگ، ??رڪ??ري زمين تي ملي ڀڳت سان قبضو ڪرايو ويو، هن ٻڌايو ته ريلوي جي 825 ايڪڙ، سول ايوي ايشن جي 816 ايڪڙ، اويڪيوٽرسٽ ملڪيت جي 117 ارب ۽ اين ايڇ اي جي 52 ارب روپين جي ماليت جي زمين تي قبضي جي نشاندهي ٿي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته شميم جو بيان حلفي به قطري خط، جعلي ٽرسٽ ڊيڊ ۽ فليٽس جي ذريعن وانگر ردي جي ٽوڪري ۾ ويندو، شريف فيملي وٽ رسيدون ۽ ر??ار?? نه آهي ان لاءِ ڪڏهن وڊيو ايندي آهي ته ڪڏهن آڊيو ۽ هاڻي اهو بيان حلفي اچي ويو آهي.