اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان جي رياست باهه ۽ رت جو هڪ درياءُ مان ٿي نڪتي آهي، اسان هزارين ماڻهن جون قربانيون ڏنيون آهن، انهن قربانين جي نتيجي ۾ اسان القاعده جهڙي دهشتگرد تنظيمن کي شڪست ڏني، هندستان جي باقيات کي به مڪمل ڪيو، هاڻي اسان کي اڳتي وڌڻ جي ضر??رت آهي، وزيراعظم اڄ جيڪي اصول جوڙيا اهي ئي اصول آهن ته اسان پنهنجي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي انهن ماڻهن کي واپس رستي تي آڻي سگهون جيڪي پنهنجي مخصوص ح??لتن جي پيش نظر پ??ڪستان جي رستي تان جدا ٿي ويا هئا ته جئين اهي هڪ عام شهري جي حيثيت سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن، جمعي کانپوءِ پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي بيان کي کڻي ??افي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، ضر??ري آهي ته ان جو هڪ پس منظر عوام جي سامهون رکيو وڃي، هن چيو ته الحمدالله اڄ پاڪستان پهرين کان وڌيڪ مضبوط ۽ پرعزم بيٺل آهي، هاڻي اسان کي اڳتي وڌڻ جي ضر??رت آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته رياست جون پاليسيون هڪ مخصوص پس منظر ۽ مخصوص ح??لتن تحت ٺهنديون آهن، انهن مخصوص ح??لتن ۾ بي شمار خاندان ۽ ماڻهو جيڪي پاڪستان سان عهد وفا نه نڀائي سگهيا، اهي هي عهد نڀائڻ واپس اچڻ چاهين ٿا، هن چيو ته بلوچستان ۾ 3 هزار کان وڌيڪ اهي ماڻهو ناراض هئا ۽ هندستان جي چالاڪين جو شڪار ٿيا، اهي واپس اچي چڪا آهن، ??هڙ?? طريقي سان ڪالعدم ٽي ٽي پي جا مختلف گروه آهن انهن گروهن مان به اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پاڪستان سان پنهنجي وفا جو عهد نڀائڻ چاهين ٿا ۽ هڪ صلح جو، امن پسند ۽ آئين کي مڃي اڳتي هلڻ جو پيمان ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته اسان جو مڃڻ آهي ته رياست کي ??هڙ?? ماڻهن کي موقعو ڏيڻ گهرجي ته هو زندگي جي ڌارا ۾ واپس اچي سگهن، چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم جيڪي اڄ اصول جوڙيا آهن جن جي مٿان اسان کي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، هي اهي ئي اصول آهن ته اسان پنهنجي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي انهن ماڻهن کي جيڪي پنهنجي مخصوص ح??لتن جي پيش نظر پ??ڪستان جي رستي تان جدا ٿي ويا هئا، کي واپس رستي تي آڻي سگهون ۽ هو پاڪستان جي هڪ عام شهري جي حيثيت سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن.