اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) افعانستان ۾ اشرف غني جي حڪومت جي خاتمي بعد افغانستان کي خوشحاليءَ جي راهه تي گامزن ٿيڻ لاءِ علائقائي واپار ۽ ترقياتي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ضرورت پوندي. پاڪ- چين اقتصادي راهداري بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ا??ٽو وڌيڪ فعال راهدارين مان هڪ آهي، جنهن تحت پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جاري زراعت، صنعت ۽ سماجي ا??تصادي خوشحالي جي منصوبن جي ٻئي مرحلي ۾ 60 ارب ڊالرن ج?? سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. اخبار موجب بيلٽ اينڊ روڊ اني ا??شٽو ڊگهي مُدي واري ا??تصادي ۽ ڍ??نچ?? جي ترقي جي رٿا آهي جيڪا مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي جنهن جو مقصد انسانيت جي گڏيل مستقبل سان گڏوگڏ هڪ برادريءَ جي تعمير ڪرڻ آهي. ان ۾ افغانستان ۾ اُتان جي برادريءَ جي نئين سر تعمير ۾ مدد ڏيندڙ سمورو مڪينزم موجود آهي. هوڏانهن طالبان ترجمان ۽ سياسي ڪميشن جي سربراهه افغان عوام جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ چين سان ڀائيواريءَ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته طالبان عالم?? سيڙپڪاريءَ جي آجيان ڪري رهيا آهن ۽ عالمي ڪمپنين تي زور ڀري رهيا آهن ته اهي ا??غانستان ۾ پنهنجون ڪارروايون جاري رکن، جڏهن ته پنهنجي پاڙيسرين خاص طور تي چين ۽ پاڪستان کي يق??ن ڏياريو آهي ته اهي دهشتگردن کي ا??غان ڌرتي استعمال ڪرڻ نه ڏيندا، جيڪڏهن طالبان پنهنجا وعدا پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته پوءِ ان سان پ??ري خطي ۾ خوشحالي ۽ ترقيءَ کي هٿي ملندي.