دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??زي??اعظم عمران خان جي اڪنامڪ ويزن تحت اسان سي پيڪ کي وچ ايشيائي رياستن سان ڳنڍڻ چاهيون ٿا، ??فغ??نستان جي معاملي کان پهرين به اسان وچ ايشيائي رياستن تي ان باري ۾ زور ڏيندا رهيا آهيون. هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ازبڪستان سان ٽرانس مزار شريف ٽرين ۽ روڊ نيٽ ورڪ منصوبي تحت اسان گوادر کان ڪراچي کي مزار شريف جي رستي پهرئين ئي تاشقند ۽ ان کانپوءِ دوشنبي ۽ قازقستان سان ملائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سمورين وچ ايشيائي رياستن ان منصوبي تحت ٽرين ۽ رستي سان ڳنڍجي وينديون ۽ پورو منظر نامو بدلجي ويندو، چوڌري فواد حسين چيو ته اسان کي پوري ??ميد آهي ته ??فغ??نستان ۾ صورتحال بهتر ٿيندي، قازقستان جي صدر سان ??زي??اعظم جي ملاقات ۾ به ??فغ??نستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ??زي??اعظم جو چوڻ هو ته ??فغ??نستان يا ته استحڪام طرف ويندو يا مڪمل نقصان ڏانهن، هن چيو ته عالمي دنيا ??فغ??نستان ۾ طالبان عملدارن سان ايگريمينٽ ڪري هلي ٿي ته ان ۾ ??فغ??نستان ۽ دنيا جو فائدو ٿيندو، هن چيو ته جيڪڏهن اسان ??فغ??نستان کي موجوده صورتحال ۾ رستي ۾ ڇڏي ڏنو ته ان سان مسئلا پيدا ٿيندا.