ڪراچي – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) ڪراچي سينٽر جو دورو ڪيو. وف??قي وزير جي اچڻ تي پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي ??نر?? مئنيجر محمد شجاعت الله ٻئي اسٽاف سان گڏ سندس استقبال ڪيو. مئنيجر پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي مختلف شعبن جي سربراهن جو اطلاعات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين سان تعارف ڪرايو. وف??قي وزير ڪراچي سينٽر جي پروگرامز، حالات حاضر ۽ نيوز جي سربراهن کان لاڳاپيل شعبن جي ڪارڪردگ?? جي حوالي سان معلوم ڪيو ۽ گڏ ئي انهن کان انهن جا مسئلا پڻ معلوم ڪيا. ??نر?? مئنيجر وف??قي وزير کي پروگرامز، حالات حاضره، پي ٽي وي هوم، پي ٽي وي نيشنل جي ڪارڪردگ?? جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. هن پي ٽي وي کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جي حوالي سان وف??قي وزير جي ويزن کي پڻ ساراهيو. بعد ۾ اطلاعات واري وف??قي وزير پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي نيوز روم، حالات حاضره جي مختلف اسٽوڊيوز، پي ٽي وي نيشنل سميت مختلف شعبن جو دورو ڪيو ۽ اسٽاف کان بريفنگ ورتي.