اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اف??انستان ۾ اهڙيون حالتون آهن جو ماڻهو سڀ ڪجهه ڇڏي نڪري وڃن، طالبان تي پاڪستان جو اثررسوخ آهي پر ڪنٽرول نه آهي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اف??انستان جي معاملي تي پاڪستان جي تجويز کي اڳ ۾ به نه ٻڌو ويو، وزيراعظم عمران خان اشرف غني کي چونڊون نه ڪرائڻ جي تجويز ڏني هي، اشرف غني وزيراعظم جي تجويز نه مڃي ۽ حالتون اڄ سڀني جي سامهون آهن. هن چيو ته اف??ان پناهگير اڃا تائين پاڪستان ۾ داخل ناهن ٿيا، اف??انستان ۾ اهڙي صورتحال نه آهي جو ماڻهو سڀ ڪجهه ڇڏي نڪري وڃن. اط??اع??ت واري وفاقي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اف??انستان ۾ حالتون مستحڪم رهن، پاڪستان جو طالبان تي اثررسوخ آهي پر ڪنٽرول نه آهي. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪابل ايئرپورٽ جلد کان جلد کلي وڃي.