اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) حڪومت هلندڙ مالي سال 22 -2021ع ۾ ترقياتي من??وبن لاءِ مختص ڪيل رقم ۾ 40 سيڪڙو اضافي کانپوءِ ترقياتي ڪم?? جي رفتار ۽ فنڊز جي موثر صحيح استعمال جي نگراني لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪري ورتي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پي ايس ڊي پي جي موثر استعمال بابت اجلاس من??قد ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير اسد عمر، حماد اظهر، مراد سعيد، عمر ايوب خان، خاص مددگارن ملڪ امين اسلم، ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ لاڳاپيل اعليٰ افيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته ناڻي وارو وزير شوڪت فياض ترين وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ترقياتي ڪم?? جي رفتار کي تيز ڪرڻ لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جي طريقيڪار کي آسان ۽ من??م ڪرڻ سان گڏوگڏ من??وبن جي تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ ان ۾ لچڪ پيدا ڪئي وئي آهي، وزارتن کي من??وبن جي ضرورتن موجب فنڊز جاري ڪرڻ لاءِ وڌيڪ بااختيار بڻايو ويو آهي. اجلاس کي گذريل مالي سال ۾ خرچ ڪيل فنڊن تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته فنڊز جي استعمال جي شرح مجموعي طور تي 104 سيڪڙو رهي جيڪا اهو واضح ڪري ٿي ته ترقياتي ڪم?? تي ڀرپور اڳڀرائي ٿي، ان کانسواءِ بين الوزارت ۽ شعبن جي وچ ۾ نگراني جي نتيجي ۾ 140 ارب جا فنڊ تيزي سان تڪميل طرف وڌڻ ۽ وڏي پئماني تي ملڪي ترقي تي مثبت اثر وجهندڙ من??وبن کي من??قل ڪيا ويا جنهن سان نه رڳو عوامي ٽيڪس جي بچت ٿيندي پر فنڊز ضايع ٿيڻ کان بچايا ويا. ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته من??وبابندي واري وزارت من??وبن جي تڪميل جي مسلسل نگراني ڪري رهي آهي جنهن جي لاءِ هڪ جامع طريقيڪار جوڙيو ويو آهي جنهن جي ڪري من??وبن ۾ بچت ۽ فنڊن جي صحيح استعمال کي يقيني بڻاي?? پيو وڃي، اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جاري من??وبن جي جلد کان جلد تڪميل لاءِ فنڊن جي مڪمل فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ان ڏس ۾ جاري ترقياتي من??وبن لاءِ 70 سيڪڙو جڏهن ته نون من??وبن لاءِ 30 سيڪڙو فنڊز مختص ڪيا ويا آهن، مجموعي طور تي 351 ترقياتي من??وبن کي تڪميل لاءِ مڪمل فنڊز جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي، وزارتن ۾ من??وبن جي نگراني جي صلاحيت کي مستقل بنيادن تي وڌاي?? پيو وڃي جنهن سان سڄو سال من??وبن جي سراسر نگراني ممڪن ٿي سگهندي. ان کانسواءِ فليگ شپ من??وبن جي نگراني جي ڪم ۾ ٿرڊ پارٽي فرمز کي به شامل ڪيو ويندو جنهن سان ڪم جي رفتار ۾ تيزي ۽ شفافيت پيدا ٿيندي، ان ڏس ۾ شامل طريقيڪار کي خودمار بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي سي ون ۽ پي سي ٽو کي مڪمل طور تي ڪم??پوٽرائزڊ ڪيو ويو آهي ۽ من??وبابندي واري وزارت هلندڙ سال ڪاغذي فائل قبول نه ڪري رهي آهي. وڌيڪ سمورين وزارتن جا سيڪريٽريز 31 جولاءِ تائين ڪيش ۽ ورڪ پلين پيش ڪندا ۽ ترقياتي فنڊز جي استعمال سان انهن جي وزارتن جي اهلڪارن جي ڪارڪردگي متعين ڪئي ويندي. اجلاس کي اي پروڪيومينٽ ۽ اي پيمنٽ جي نظام تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ من??وبابندي واري وزارت وزيراعظم کي ان حوالي سان انهن قدمن تي اڳڀرائي تي ٽه ماهي رپورٽ به پيش ڪرڻ کي يقيني بڻائيندي. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته حڪومت جي ذميدارين ۾ اولين عوام جي ٽيڪس جو صحيح استعمال يقيني بڻائڻ آهي، هن وڌيڪ چيو ته نظام ۾ آٽوميشن آڻڻ لاءِ قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، اي ٽينڊرنگ جهڙا قدم ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ بنيادي اهميت رکندڙ آهن، ان کانسواءِ وزارتن جي ڪم جي طريقيڪار جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ۽ من??وبن جي اهميت جي حساب سان درجا بندي ڪري وسيلن جو استعمال ڪيو وڃي.