اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياحت جي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ ش??مل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا جي وڏي و??ير محمود خان ملاقات ڪئي. وڏي و??ير وزيراعظم کي مختلف ضلعن ۾ جاري سياحتي سرگرمين ۽ ايندڙ ملڪ ۽ غير ملڪي سياحن کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ مسئلن ??ي ازالي لاءِ کنيل حڪومتي قدمن کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. خيبرپختونخوا صوبي ۾ سياحن کي بهترين سهولتون ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي ان کانسواءِ سياحت جي فروغ لاءِ ڏنل روڊ ميپ موجب ترقياتي ??نص??بن ۽ قدمن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم کي ضم ٿيل ضلعن ۾ جاري ترقياتي ??نص??بن تي اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان سياحت جي فروغ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته سياحت جي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ ش??مل آهي، هن چيو ته سياحت جي فروغ سان نه رڳو مقامي علائقن ۾ معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون پر ملڪي معيشت تي به مثبت اثر پوندا.