اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته احساس پر??گرام فلاحي رياست جي قي??م جو بنياد آهي، اهو هڪ زبردست قدم آهي، ان پر??گرام ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن تحت شاگردن کي ڏني ويندڙ اسڪالرشپس کي هڪ ڊيٽا بيس تي آندو وڃي. هو ستاره مارڪيٽ اسلام آباد ۾ پهرئين ون ونڊو احساس سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي خيالن جو اظهار ??ري رهيو هو، هن چيو ته اهو فلاحي رياست جي طرف هڪ بنيادي قدم آهي، جڏهن انگ اکر دستياب هوندا ته هدفن جو تعين ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. هن ان موقعي تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ ان جي ٽيم جي ڪارڪردگي کي به ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي سماجي ڀلائي واري خاص مددگار ??اڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ون ونڊو سينٽر ۽ احساس ون ونڊو منصوبي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اهو پر??گر??م جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ هوندو جنهن تحت قابل ۽ ضرورتمند شاگردن کي اسڪالرشپس به ڏنيون وينديون.