اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نوجوان ٽيلينٽ کي راندين طرف متوجهه ڪرڻ ۽ دنيا ۾ ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ميگا اسپورٽس ايونٽس جو انعقاد ضروري آهي، ڪشمير پريميئر ليگ جي ذريعي عالمي سطح تي ڪشمير جي خوبصورت منظرن ۽ ثقات جي فروغ لاءِ معياري پليٽ فارم ميسر ايندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪشمير پريميئر ليگ ( ڪي پي ايل) جي انتظاميه جي وفد س??ن ڳالهائيندي ڪيو. ڪشمير معاملن بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي، ڪشمير پريميئر ليگ جي صدر عارف ملڪ، چيف ايگزيڪيٽو آفيسر چوڌري شهزاد ا??تر?? ڪشمير پريميئر ليگ جي انتظاميه جا سينئر ميمبر، فرنچائز مالڪ ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار به موجود هئا. ليگ جي انتظاميه صدر کي ڪي پي ايل جي ارادن ۽ مقصدن جي باري ۾ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ليگ جي انعقاد س??ن پوري دنيا ۾ ڪشمير ڪاز اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشمير کي عالمي راندين ۾ مت??ارف ڪرائڻ ۾ مدد ملندي.