اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن هدايت ڪئي آهي ته اڳتي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ترقياتي منصوبا جوڙيا وڃن ۽ مهانگائي جي شرح کي روڪڻ تي پڻ خاص ڌيان ڏنو وڃ??. و??يراعظم جي صدارت هيٺ ايندڙ بجيٽ ۽ ملڪي معيشت جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ايندڙ بجيٽ جي حوالي سان پارٽي جي سينيئر قيادت کان تجويزون طلب ??يون ويون. اجلاس ۾ ملڪي معيشت، مهانگائي کي روڪڻ جي لاءِ حڪمت عملي ۽ ايندڙ مالي سال ۾ ترقياتي منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.