اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي ر??سٽريشن جو عمل تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مختلف قسمن جي معذورين جي درجه بندي لاءِ طريقيڪار جوڙيو وڃي، معذوري سرٽيفڪيٽ سان حڪومت جي احساس پروگرام جهڙي سماجي تحفظ جي اسڪيمن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو، ان حوالي سان جامع قدم کنيا وڃن. هو مختلف قسم جي معذوري جي ر??سٽريشن جي باري ۾ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ خاص مددگار نيشنل هي??ٿ سروسز، ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊاڪٽر فيصل سلطان، سيڪريٽري عامر اشرف خواجه، گهرو وزارت جي اسپيشل سيڪريٽري شير عالم محسود، نادرا چيئرمين خا??د لطيف ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صدر سمورن لاڳاپيل ڌرين کي خصوصي ماڻهن جي ر??سٽريشن جو عمل تيز ڪندي مختلف قسم جي معذورين جي درجه بندي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي حقن جي تحفظ لاءِ انهن جي ر??سٽريشن جي عمل کي هموار ۽ تيز ڪرڻ ضروري آهي، صدر چيو ته خصوصي ماڻهن لاءِ معذوري سرٽيفڪيٽ تمام اهم آهي ڇو ته ان جي ذريعي حڪومت جي احساس پروگرام جهڙي سماجي تحفظ جي اسڪيمن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو، ان موقعي تي صدر کي نيشنل هي??ٿ سروسز ۽ ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينشن واري وزارت ۽ نادرا پاران خصوصي ماڻهن جي ر??سٽريشن جي حوالي سان ڪم تي اڳڀرائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو.