اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) قوم?? اسيمبلي جي ڊپٽ?? اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته ملڪ جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ نوجوان پارليامينٽرين جو ڪردار اهم اهميت رکندڙ سمجهيو ويندو آهي ڇو ته ملڪي آبادي جو وڌ??ڪ حصو نوجوانن تي مشتمل آهي، نوجوان پنهنجون توانايون استعمال ۾ آڻي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن ينگ پارليامينٽري فورم (وائي پيف ايف)، پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارلياماني سروسز (پيپس) ۽ پا??يد??ر سماجي ترقي جي تنظيم (ايس ايس ڊي او) جي وچ ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ڊپٽ?? اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجن جي حل لاءِ نوجوانن جي شرڪت ضروري آهي، هن چيو ته پا??يد??ر معاشي ۽ سماجي ترقي نوجوانن جي فعال شرڪت جو مطالبو ڪري ٿي، هن چيو ته پي آءِ پي ايس نوجوانن پارليامينٽ ميمبرن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ موثر پليٽ فارم مهيا ڪري سگهي ٿو ته جئين ايوان جي ڪارروائي دوران سندن شرڪت کي وڌيڪ معنيٰ خيز بڻائي سگهجي.