اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مشڪل حالتن ۾ ڪراچي جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، شديد برساتن سان سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي ڪراچي جي عوام جي مشڪلاتن کان حڪومت مڪمل آگاهه آهي، ڪراچي جي عوام کي درپيش مسئلن جي مستقل حل لاءِ جلد منصو??ي جو اعلان ڪنداسين. سماجي رابطي جي ويب س??ئيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بحالي ۽ امدادي سرگرمين جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ گورنر سان مسلسل رابطي ۾ آهيان، ٻوڏ واري پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ اين ڊي ايم اي چيئرمين کي فو??ي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، متاثرين کي کاڌو، ڇت ۽ طبي سه??لت?? جي فراهمي جو به حڪم ڏنو آهي.