اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صحيح کانپوءِ ??نڇر ڏينهن قانون واري وزارت نيب ترميمي آرڊيننس جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن کي قومي احتس??ب ٻيو ترميمي آرڊيننس 2019ع ??و نالو ڏنو ويو آهي، گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا نيب ترميمي آرڊيننس 2019ع ??ي سرڪيوليشن سمري وسيلي منظوري ڏ??ي هئي جنهن کانپوءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي به آرڊيننس تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، نيب ترميمي آرڊيننس صدر جي صحيح کانپوءِ لاڳو ٿي ويو آهي