اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته پاڪستان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته متحده عرب امارات سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، ثقافت ۽ سياحت سميت سمورن شعبن ۾ موجوده ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر متحده عرب امارات جي وزير شيخ نيهان بن مبارڪ النيهان سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن هتي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.