اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪو ??رڊ??نيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز، نيشنل ڪو ??رڊ??نيٽر اين ايف آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال، فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي اعليٰ عملدارن ۽ زراعت کاتي جي صوبائي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. فورم کي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پاڻي جي نيڪالي وارن قدمن، درياهن، ڊيمن ۾ پاڻي جي آمد ۽ نيڪال بابت بريفن?? ڏني وئي. اجلاس کي ٻوڏ کان ??تا??ر علائقن ۾ جاري سروي تي هن وقت تائين ٿيل ??ڳڀ??ائي کان آگاهه ڪيو ويو، جنهن مطابق ڪي پي ڪي جي 20 ضلعن، بلوچستان جي 26 ضلعن ۾ گڏيل سروي مڪمل ٿي چڪي آهي. جڏهن ته سنڌ جي 22، بلوچستان جي 6 ۽ ڪي پي ڪي جي 13 ضلعن، پنجاب جي 2 ضلعن ۾ سروي جاري آهي. اين ايف آر سي سي هدايت ڏني ته گڏيل سروي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ ٽيمن جي انگ ۾ واڌ ڪئي وڃي. اجلاس ۾ ??تا??ر آبادگارن کي ربيع جي فصل جي ٻج جي فراهمي جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت ۽ صوبن کي ٻج جي خريداري ۽ ورهاست جو معاملو فوري طور حل ڪري ٽانڪ ۾ ??تا??رن لاءِ ماڊل وليج جي قيام تي پڻ ??ڳڀ??ائي جي حوالي سان بريفن?? ڏني وئي.