اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل ??رب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ ٻنهي ا??وا??ن گڏيل ??لچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم گڏيل ??رب امارات جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم گڏيل ??رب امارات ۾ تازي ٻوڏ ??ي نتيجي ۾ پاڪستاني شهرين سميت قيمتي جانين جي زيان تي افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي گڏيل ??رب امارات جي صدر پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ ٿيندڙ جاني نقصان ۽ هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوجي جوانن جي شهادت تي پڻ دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جي اپريل 2022ع ۾ گڏيل ??رب امارات جي دوري دوران ڪيل فيصلن کي ورجائيندي ٻنهي ا??وا??ن ان تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ حصيداري سميت واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو عزم ڪيو. وزيراعظم گڏيل ??رب امارات پاران پاڪستان کي ڪيترن ئي سالن کان فراهم ڪئي ويندڙ معاونت کي اجاگر ڪندي چيو ته امارات پاران پاڪستان ۾ مختلف اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي تازي اعلان جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان ۽ گڏيل ??رب امارات جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جون پاڙون گڏيل ??قيدي، قدرن ۽ ثقافت ۾ ڳنڍيل ??هن، گڏيل ??رب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو ذريعو آهي ۽ هو 16 لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي ميزباني ڪري رهيو آهي.