اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سين??ٽر شبلي فراز سان آمريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور انجيلا ايجلر ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سين??ٽر شبلي فراز ان موقعي تي چيو ته آمريڪي ڪمپنين جو پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. آمريڪي ناظم الامور ڪووڊ -19 چئلينج سان موثر انداز ۾ سرخرو ٿيڻ تي پاڪستان جي واکاڻ ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سين??ٽر شبلي فراز چيو ته ايس او پيز ۽ احتياطي تدبيرن تي عم??درآمد جي لاءِ مهم جاري رکي آهي ته جئين وب?? جي پکيڙ کي بچي سگهجي. و??ير??عظم عمران خان جو رو??گا?? سان گڏوگڏ انساني زندگي جي تحفظ جو ويزن ڪووڊ – 19 چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو، ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڪورونا وب?? جي دوران جتي گڏيل رابطن ۽ اطلاعات جي پهچ جو طريقيڪار متاثر ٿيو اتي ڊجيٽل ڪميونيڪيشن کي فروغ حاصل ٿيو، وفاقي وزير سين??ٽر شبلي فراز چيو ته ڊجيٽل اطلاعاتي نظام تعليم جي فراهمي ۾ مددگار ثابت ٿيو ۽ ان سان گڏ ڪاروباري سرگرميون ۽ روز مره جا معاملا جاري رکڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيو.