اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي چيو آهي ته پاڪستان قطر سا?? ڀائراڻي ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط سياسي ۽ معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، قطر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي اڀرندڙ موقعن مان فائدو کڻي سگ??ي ٿو. ايوان صدر مان جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار قطر جي عهدو ڇڏيندڙ سفير قصر بن مبارڪ ا??منصوري سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنه?? ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي.