راولپنڊي– 21 جون (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنر?? قمر ??او??د باجوه جيڪو ترڪي جي سرڪاري دوري تي آهي، ترڪي جي دفاع واري وزير فڪري اسڪ سان ??لا??ات ڪئي جنهن ۾ علائقائي صورتحال ۽ ٻه طرفي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق ??لا??ات ۾ ٻنهي ڌرين سلامتي پاليسين دفاعي پيداوار ۽ انساني وسيلن جي تربيت جي شعبن ۾ سهڪار جي وسيع موقعن سان اتفاق ڪيو.