اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت معاشي ترقي ۾ ميري ٽائيم سيڪٽر جي اهميت جي ڪري ان جي فروغ لاءِ ڪوشان آهي، حڪوم?? طرفان 2020ع تي بليو اڪانومي جو ??ال قرار ڏيڻ بحري معيشت جي ترقي لاءِ حڪومتي قدمن جو ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيول هيڊڪوارٽر اسلام آباد جي دوري جي موقعي تي ڪيو. نيول هيڊڪوارٽرز اچڻ تي پاڪ بحريه جي ??رب??اهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي وزيراعظم جو استقبال ڪيو ۽ پاڪ بحريه جي دستي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.