اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا و??ئرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هڪ هزار 78 مريضن جا ??يس?? مثبت آيا ۽ 20 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا، جنهن مان 17 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 32 هزار 933 ??يس?? ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 504، پنجاب ۾ 11 هزار 432، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 211، اسلام آباد ۾ 5 هزار 229 ، بلوچستان ۾ 603 ، گلگت بلتستان ۾ 355?? آزاد ڪشمير ۾ 599 ??يس?? شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪ??وڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 13 هزار 527 ٿي چڪو آهي?? آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪ??وڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪ??وڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 98 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪ??وڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 11 هزار 864 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪ??رونا و??ئرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 32 هزار 186 آهي.