اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??ان يو اين ڊي پي (يونائيٽيڊ نيشنز ڊولپمينٽ پروگرام) جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ?? منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ?? نشريات وارو وزير سينيٽ?? شبلي فراز، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ ٻيا سينئر آفيسر موجود هئا. وزيراعظم مي??يا آفيس موجب يو اين ڊي پي جي پاڪستان ۾ موجود نمائنده ايليونه نيڪوليٽا وزيراعظم عمران ??ان ??ي هيومن ڊولپمينٽ ۾ خصوصي دلچسپي کي ساراهيندي چيو ته وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي جتي ملڪ ۾ انساني ترقي جي فروغ جو سبب آهي اتي يو اين ڊي پي جي مقصدن جي تڪميل ۾ به ??ددگار ثابت ٿي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت طرفان ??سٽين ايبل ڊولپمينٽ گولز (پائيدار ترقي جا مقصد) کي اختيار ڪرڻ، انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ موثر حڪمت عملي ۽ وسيلن جي فراهمي نهايت قابل تحسين آهي، هن يو اين ڊي پي کي حڪومت طرفان فراهم ڪيل سپورٽ تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو، يو اين ڊي پي جي وفد ڪووڊ دوران ??ڪومت پاڪستان ??ي حڪمت عملي خاص طور تي معاشي عمل جي رواني ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي مالي مدد جهڙن قدمن کي ساراهيو.