اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آمريڪا ط??لب??ن معاهدي تحت افغان لويه جرڳي جي قيدين جي آزادي جي فيصلي ک?? ساراهيندي چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي س??ير شڪرالله عاطف مشعل سان ??الهائيندي ڪيو جنهن صدر سان الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي افغان س??ير سان ??الهائيندي چيو ته پاڪستان افغانستان سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرف لاڳاپن کي گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم عمران خان سمورن پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانستان مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. صدر چيو ته پرامن ۽ خوشحال افغانستان ??انسواءِ علائقائي ترقي ۽ واپار ممڪن نه آهي. صدر آمريڪا ط??لب??ن معاهدي تحت افغان لويه جرڳي جي قيدين جي آزادي جي فيصلي ک?? ساراهيو.