اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ دهشتگردي جي خاتمي بابت ترميمي بل 2020ع ۽ گڏيل قومن (سيڪيورٽي ڪائونسل) (ترميمي) بل 2020ع جي من??وري ڏئي ڇڏي. سينيٽ جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ وفاقي گهرو وزير پاران رٿ پيش ڪئي ته دهشتگردي جي ايڪٽ 1997ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي. سينيٽ رٿ جي من??وري ڏني جنهن کانپوء?? هن اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو، چيئرمين شقوار من??وري لاءِ بل ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن جي ايوان اڪث??يت راءِ سان من??وري ڏئي ڇڏي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ پرڏيهي وزير پاران رٿ پيش ڪئي ته گڏيل قومون (سيڪيورٽي ڪائونسل) ايڪٽ 1948ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل گڏيل قومن (سيڪيورٽي ڪائونسل) (ترميمي) بل 2020ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي. ايوان رٿ جي من??وري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوء?? هن اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو. چيئرمين شقوار من??وري لاءِ بل ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن جي ايوان اڪث??يت راءِ سان من??وري ڏئي ڇڏي.