اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان کي اندرون سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن ج?? مشڪلاتن ج?? پورو احساس آهي، اهو ئي ??بب آهي جو وفاقي حڪومت احساس ڪيش پروگرام ۾ سنڌ جي لاءِ اضافي فنڊز رکيا آهن، تحريڪ انصاف جا ڪارڪن پنهنجي لاڳاپيل علائقن ۾ ڪورونا وبا کان بچڻ جي احتياطي تدبيرن ج?? حوالي سان ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن لاڙڪاڻي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن سان ملاقات ۾ ڪيو. ڪارڪنن وزيراعظم جي اندرون سنڌ دورو ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو. غريب ۽ مزدور ط??قي جي ڪفالت لاءِ اندرون سنڌ ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جاري ڪرڻ تي ڪارڪنن وزيراعظم کي خرا?? تحسين پيش ڪيو.