اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزير??عظ?? جي احتساب واري خاص معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته 1985ع کان شگر ملز لڳائڻ ۽ سبسڊي جو معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، نيب شگر ڪميشن جي رپورٽ تي 9 شگر ملز کي گذريل 5 سالن ۾ سبسڊي ڏيڻ جي معاملي تي فوجداري ڪارروائي ڪندو، سيلز ٽيڪس ۽ بي نامي ٽرانزيڪشنز جو معاملو ايف بي آر ڏانهن موڪليو پيو وڃي، چٽاڀيٽي ڪميشن کنڊ جي ڪاروبار جي 90 ڏينهن ۾ جاچ ڪندي، جعلي روانگي واپار ۽ مني لانڊرنگ جي ا??ف آءِ اي جاچ ڪندي، کنڊ جي قيمتن کي پيداواري لاڳت جي تناسب سان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ صنعت ۽ پيداوار واري وزير حماد اظهر جي قيادت ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي، ڪو به شخص ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي ا?? جي خلاف ڪارروائي ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته وزير??عظ?? جي هدايت تي شگر ڪميشن جي رپورٽ جون ??فا??شون قائدين کي پيش ڪيون. شگر ڪميشن جي ??فا??شن ۽ ٻين ماهرن جي مشاورت سان ان حوالي سان قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو جن جي منظوري وزير??عظ?? عمران خان بني گالا ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڏني.