اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) واپار واري وفاقي و??ير ڄام ڪمال خان سيئول ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ ڪوريا ايگزم بئنڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اي ڊي سي آپريشن گروپ، ام سونگ يونگ سان ملاقات ڪئي. پڌرائيءَ موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي ۽ مستقبل ۾ تعاون جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ملاقات دوران ام سونگ يونگ پاڪستان ۾ جاري رٿائن جا تفصيل فراهم ڪيا ۽ ان جي منظوري، جاچ ۽ عملدرآمد جي عمل تي روشني وڌي. هن منصوبن کي تصوراتي م??حل?? کان وٺي تڪميل تائين پهچائڻ ۾ پاڪستاني کاتن جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته اڪنامڪ ڊولپمينٽ ڪوآپريشن فنڊ (اي ڊي سي ايف) تحت 2022ع کان 2026ع تائين پاڪستان جي ترقياتي منصوبن لاءِ 1.1 ارب ڊالر رکيا ويا آهن ج??هن ته هن وقت تائين ٻن منصوبن لاءِ 113 ملين ڊالرن جي منظوري ڏني و??ي آهي باقي منصوبن جي منظوريءَ جي عمل کي تيز ??رڻ جي ضرورت آهي. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پاڪستان جي عالمي ترقياتي حصيداريءَ لاءِ سازگار ماحول فراهم ??رڻ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ تعاون جي اميد ظاهر ڪئي. وفاقي و??ير ڪوريا ايگزم بئنڪ جي اي ڊي سي ايف فنڊز کي هڪ ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي ٿورو مڃيو. وفاقي و??ير ڪوريا ايگزم بئنڪ تي زور ڀريو ته هو پاڪستان ۾ هڪ ڪنٽري آفيس قائم ڪري ته جيئن منصوبن جي منظوريءَ جي عمل کي تيز ۽ هم آهنگيءَ کي بهتر بڻائي سگهجي. وفاقي و??ير بئنڪ کان درخواست ڪئي ته هو 12 التوا هيٺ منصوبن جون رسمي ڪارروايون جلد کان جلد مڪمل ڪري ته جيئن ان تي وقت سر عملدرآمد ٿي سگهي. هن 2022ع کان 2026ع دوران رکيل 1.1 ارب ڊالر جي فنڊ جي مؤثر استعمال تي زور ڀريو ۽ ان عمل کي تيز ??رڻ جي اهميت تي روشني وڌي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ڌُرين ترقياتي رٿائن کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي عز?? کي و??جايو. پاڪستان ۾ ڪوريا ايگزم بئنڪ جي ڪنٽري آفيس جي قيام کي ان ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي.