اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم آنجهاني ڊاڪٽر منموهن سنگهه جي لاڏاڻي تي ??فسوس جو اظهار ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ڊاڪٽر منموهن سنگهه جي لاڏا??ي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو. پاڪستان جي چڪوال ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندڙ ڊاڪٽر منموهن سنگهه هڪ ناليوارو اقتصاديات جو ماهر ۽ سياسي اڳواڻ هو. آنجهاني کي سندس دانشمندي ۽ نرم مزاجي جي طور تي ياد رکيو ويندو. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته اقتصاديات جي ميدان ۾ پنهنجي نمايان ڪاميابين کان هٽي ڪري ڊاڪٽر منموهن سنگهه علائقائي امن جي فروغ جي لاءِ عزم رک??دو هو، علائقائي مسئلن تي ??ندس موقف سندس ان يقين جي عڪاسي ڪ??دو هو ته گڏيل افهام تفهيم، ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون گڏيل ترقي جي لاءِ ضروري آهي. هن بطور وزيراعظم پنهنجي دور ۾ پاڪ ڀارت ٻطرفن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۾ ذڪر جوڳو ڪردار ادا ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت ڊاڪٽر منموهن سنگهه جي گهرڀاتين ۽ ڀارتي ??ڪومت ۽ عوام سان پنهنجي دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو.