لاهور- 21 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو ??عاملن واري وفاقي وز??ر محسن
نقوي،7/24 اوپن پاسپورٽ آفيس گارڊن ٽائون جو اوچتو دورو ڪيو. وفاقي
وزير پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ آيل شهرين سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان پاسپورٽ
ٺهرائڻ واري عم?? جي باري ۾ پڇاڻو ڪيو. پاسپورٽ ٺهرائڻ جي عم?? تي
اطمينان جو اظها?? ڪندي شهرين چيو ته 24 ڪلاڪ پاسپورٽ آفيس کليل رهڻ
سبب بي پناهه رش ختم ٿي وئي آهي. وفاقي وز??ر مختلف ڪائونٽرن تي ??يو ۽
شهرين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن ڪجهه شهرين جا مسئلا موقعي تي حل
ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنا. ڪجهه شهرين علائقي ۾ ايجنٽ مافيا جي شڪايت ڪئي.
وفاقي وز??ر فوري طور نوٽيس وٺندي ايف آءِ اي کي اڄ ئي فوري ڪريڪ
ڊائون جو حڪم ڏنو. هن چيو ته شهرين کي سهولتون سڀ کان وڌيڪ عزيز
آهن. پاسپورٽ ملڻ ۾ دير جي شڪايتن جو ازالو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته شهرين جو اعتماد منهنجي لاءِ اطمينان جو سبب آهي.