اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ صديق الفاروق جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل مان جاري بيان مطابق بلاول ڀٽو زردار?? تعزيتي پيغام ۾ صديق الفاروق مرحوم جي سوڳوار خاندان ۽ سندس پارٽي سان دل?? تعزيت جو اظهار ڪيو. هن مرحوم جي مغفرت ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.