اسلام آباد-15 ڊسمبر(اي پي پي) پرڏيهي ??اتي جي ترجمان چيو آهي ته شروعاتي اطلاعن موجب يونان ??ي ڪريٽ ٻيٽ جي ڏکڻ ۾ گذريل ڏينهن ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي کان پوءِ بچي ويلن ۾ 47 پاڪستان پڻ شامل آهن جڏه?? ته فوت ٿي ويلن ۾ هڪ پاڪستاني جي تصديق ٿي آهي. پرڏيهي ??اتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب هن وقت فوت يا گم ٿ?? ويلن پاڪستاني شهرين جي حتمي تعداد جي تصديق نه ٿي ڪري سگهجي جڏه?? ته يونان ۾ پاڪستان جو سفارتخانو هيلينڪ ڪوسٽ گارڊ ۽ چانيا ??ي ڪوسٽ گارڊ سان رابطي ۾ آهي جيڪي سڌي ريت سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهن. پاڪستاني سفارتخاني جا عملدار پاڪستانين سان ملڻ ۽ انهن کي هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ڪريٽ پهچي ويا آهن. يونان ۾ پاڪستانين جي سهولت لاءِ پرڏيهي وزارت پنهن??ي ڪرائسز مينجمنٽ يونٽ (سي ايم يو) کي فعال ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ??اتي يونان ۾ پاڪستاني شهرين ۽ انهن ??ي ڪٽنبن کي ٽيليفون نمبرن / اي ميل فون نمبر 0519207887 ، اي ميل cum1@ mofa.gov.pk تي رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گم ٿ?? ويل پاڪستانين جا ڪٽنب ڄاڻايل ٽيلفون نمبر تي رابطو ڪري ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل معلو م ڪري سگهن ٿا.