اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف چيو آهي ته اسپارٽا ۾ هيليڪاپٽر جي حادثي ۾ 6 ترڪ فوجين جي شهادت بابت ڄاڻي تمام گهڻو ڏک ٿيو. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ?? هن چيو ته آئون پنهنجي پياري ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان، ترڪ قوم خاص طور تي ڏکويل خاندان?? سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو جن ا?? سانحي ۾ پنهنجي پيارن کي وڃايو آهي.