اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ??اري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته گذريل ڏينهن 3 ڊسمبر تائين حج لاءِ وصول ٿيندڙ سموريون درخواستون ڪامياب قرار ڏنيون ويون آهن جڏهن ته ڏورانهن علائقن ۾ حج درخواستون جمع ڪرائڻ ۾ ڏُکيائين سبب ڀلي پار و??ندڙن جي درخواست تي درخواستن تي وصوليءَ ?? 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏ?? آهي. ڪالهه مذهبي معاملن ??اري وزارت طرفان جاري بيان ۾ وفاقي وزير ڀلي پار و??ندڙن کي خوشخبري ڏن?? آهي ته 3 ڊسمبر تائين حج درخواستون جمع ڪرائيندڙ سمورن اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، اسپانسرشپ اسڪيم ۾ وصول ٿيل درخواستون به ڪامياب قرار ڏنيون ويون آهن. سرڪاري حج اسڪيم ۾ درخواستون هاڻ 10 ڊسمبر تائين نامزد بئنڪن ۾ جمع ڪرائي سگهبيون، ڪوٽا کان وڌيڪ درخواستون وصول ٿيڻ جي صورت ۾ ڪڻا ڪڍيا ويندا. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني 10 ڊسمبر تائين اسپانسرشپ جي رقم لازمي جمع ڪرائين، اسپانسرشپ اسڪيم ۾ وصول درخواستگذارن کي بنا ڪُڻن جي ڪامياب قرار ڏنو ويندو. وزارت جي ويب سائٽ تي آن لائن پورٽل ذريعي گهر و??ٺي حج درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ڀلي پار و??ندڙ کي نين هدايتن لاءِ پاڪ حج موبائل ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ جو چيو ويو آهي.