اسلام آباد-03 ڊس??بر (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آهي ته موسمياتي تبديلين سب?? سڄي دنيا ۾ 1.2 ارب ماڻهن جي زندگي ۽ زندگي جي معيار تي اثر پئج?? سگهن ٿا. اها ڳالهه عالمي بئنڪ طرفان موسمياتي تبديلين ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي موضوع تي جاري ڪيل تازي رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سخت گرمي جي لهرن، ٻوڏ، طوفان ۽ ڏڪار جهڙن موسمياتي عملن سب?? سڄي دنيا ۾ 1.2 ارب ماڻهن جي زندگي ۽ زندگي جي معيار تي اثر پئج?? سگهن ٿا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بهتر تحفظ لاءِ تيز ۽ بهتر ترقي ۽ موسمياتي موافقت جي اسمن کي اهميت ڏيڻ ضروري آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اقتصادي ترقي ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن سب?? لچ?? پيدا ڪرڻ جي عمل جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. في ڪس جي ڊي پي ۾ 10 سيڪڙو اضافي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو ا??گ لڳ ڀڳ 100 ملين گهٽج?? سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو آهي ته هر ملڪ جي مخصوص صورتحال مطابق پاليسين کي تيار ڪرڻ ضروري آهي. وڌيڪ آمدني رکندڙ ملڪن کي پنهنجي موجوده بنيادي ڍانچي جي جديد ڪاري تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جڏهن ته گهٽ آمدني وارن ملڪن جتي اڪثر بنيادي ڍانچو هاڻ تعمير ٿي رهيو آهي، انهن کي ان ڍانچي کي پائيدار طريقي سان تعمير ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي.