اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد ??وسف رضا گيلاني چيو آھي ته خصوصي ماڻھن جو عالمي ڏھاڙو ياد ڏياري ٿو ته معذور ماڻھن کي برابر جا موقعا ۽ حق فراھم ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق انھن خي??لن جو اظھار ھن خصوصي ماڻھن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اھو ڏينھن ياد ڏياري ٿو ته خصوصي ماڻھن کي برابر جا موقعا ۽ حق فراھم ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي، ملڪ ۾ خصوصي ماڻھن جي ڀلائي لاءِ جامع پاليسيون بڻايون ويون آھن ۽ ان تي عمل به ڪيو پيو وڃي ته جيئن اھي ماڻھو به ھڪ باعزت ۽ خودمختيار زندگي گذاري سگھ??. س??د يوسف رضا گيلاني چيو ته خصوصي ماڻھن کي ھمٿائڻ، انھن جي قابليت کي قبول ڪرڻ ۽ انھن لاءِ وسيلا ۽ موقعا ف??اھم ڪرڻ ھڪ ??ضبوط ۽ ترقي يافته قوم جي نشاني آھي. ھن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي ان ذميواري کي بھتر طريقي سان ادا ڪرڻ جي توفيق عطا ف??مائي.