اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) پاڪس??ان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته ڀارت کي خدشا آهن ته آگا??ه ڪري اسان ختم ڪنداسين پر چيمپئ??ز ٽرافي ??اڪس??ان ۾ ئي ٿيندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي جو چوڻ هو ته اسان پنهنجو هدف حاصل ڪنداسين. چيمپئ??ز ٽرافي ??اڪس??ان ۾ ئي ڪرائينداسين، اسان آءِ سي سي کي خط لکيو هو، ان جي جواب جو انتظار آهي، آءِ سي سي کي پنهنجي ساک جي باري ۾ پاڻ سوچڻو پوندو. آءِ سي سي ڪرڪيٽ جي دنيا جي واحد مضبوط باڊي آهي. هن چيو ته هاڻ به چيمپئ??ز ٽرافي جي باري ۾ سُٺي اميد رکان ٿو، راند ۽ سياست ڌار ڌار شيون آهن، ڪنهن به ملڪ کي سياست کي وچ ۾ نه آڻڻ گهرجي، منهنجو ناهي خيال ته ڪوبه اسان کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهي ٿو، ڀارت کان علاوه سموريون ٽيمون پاڪس??ان اچڻ لاءِ تيار آهن، ڀارت کي ڪا ڳڻتي آهي ته اسان سان ڳالهائي اسان دُور ڪنداسين. چيئرمين چيو ته چيمپئ??ز ٽرافي تائين ع??قب جاويد کي هيڊ ڪوچ طور فرض انجام ڏيڻ جي گذارش ڪئي آهي. عاقب جاويد وقتي طور تي هيڊ ڪوچ هوندو. اسان هيڊ ڪوچ لاءِ پنهنجو پراسز شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، عاقب جاويد چيمپئ??ز ٽرافي تائين وائيٽ بال ڪرڪيٽ لاءِ هيڊ ڪوچ هوندو.