اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان هڪ انگريزي اخبار ۾ پرڏيهي آفيس سان لاڳاپيل خبر جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ ”دي نيوز“ اخبار ۾ گذريل ڏينهن ڇپيل پرڏيهي وزارت سان لاڳاپيل خبر کي رد ڪندي چيو آهي ته ??ن معاملي کي صحافتي قدرن ۽ ادارتي معيار جي حوالي سان اخبار جي ايڊيٽرن آڏو اٿاريو ويندو. ترجمان چيو ته اس??ن ميڊيا کي اهو چئون ٿا ته اه?? پرڏيهي وزارت سان لاڳاپيل ڪنهن به خبر کي جاري ڪرڻ کان په??ين ان جي وزارت کان تصديق ڪري وٺن.