اسلام آباد-12 نومبر (اي ??ي پي) نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ نجڪار?? ڪميشن بورڊ ??و اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري سميت مختلف مع??ملا غور هيٺ آيا ۽ اهم سفارشن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري جي مع??ملي کي ڪابينه ڪميٽي ڏانهن اُماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته بورڊ اجلاس کي نجڪاري جي مختلف مع??ملن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ هاڻ تائين جي صورتحال تي اطمينان ??و اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ميمبرن جي نجڪاري جي عمل ۾ شرڪت لاءِ 3 رڪن?? ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته نجڪاري جا مع??ملا قانون ۽ ضابطن موجب ۽ ملڪي مفادن کي آڏو رکندي مڪمل ڪرڻا پوندا ڇاڪاڻ ته پي آءِ اي سميت ٻين ادارن جي نجڪاري جي مع??ملن جو حتمي فيصلو ڪابينه ڪميٽي کي ڪرڻو آهي. هن هدايت ڪئي ته پي آءِ اي سميت سرڪاري ادارن جي بنا دير نجڪاري کي اڳيان وڌايو وڃي ۽ ٻين ادارن جي نجڪاري لاءِ ايندڙ آڇ کي بهتر کان بهتر بڻايو وڃي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پي آءِ جي نجڪاري ۾ نگران حڪومت جي ڏنل فريم ورڪ کي اڳيان وڌايو ويو هو پر هاڻ اسان کي مستقبل لاءِ نجڪاريءَ ۾ شامل ادارن جي خدشن کي به نظر ۾ رکڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل مان سکڻو پوندو ۽ آئينده ان کي وڌيڪ بهتر بڻايو پوندو. نجڪار?? ڪميشن بورڊ جو 227هون اجلاس اسلام آباد ۾ نجڪار?? ڪميشن جي چيئرمين عبدالعليم خان جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. بورڊ 31 آڪٽوبر تي پي آءِ اي سي ايل جي 60 سيڪڙو شيئرز کي حاصل ڪرڻ لاءِ بليو ورلڊ سٽي ڪسورشيم طرفان جمع ڪرايل 10 بلين رپين جي ٻولي تي غور ڪيو ۽ ٻولي کي رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي. بورڊ پي آءِ اي سي ايل جي نجڪاري لاءِ آئينده عمل تي به غور ڪيو ۽ ان جي جلد نجڪاري لاءِ مختلف آپشنز تي غور ڪيو. نجڪار?? ڪميشن بورڊ جي اجلاس ۾ نجڪار?? ڪميشن جي سيڪريٽري مختلف مع??ملن تي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته بورڊ بهتر ڪم ڪيو، پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ ترڪش ۽ سنگاپور سميت مختلف ايئر لائنز دلچسپي ??و اظهار ڪيو، تنهنڪري نجڪار?? ڪميشن بورڊ پري ڪواليفاءِ ڪندڙ ڪنهن به اداري کي نجڪاري جي عمل مان نٿي ڪڍي سگهي. اجلاس ۾ پي آءِ اي ۽ نجڪاري جي عمل لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. مختلف مع??ملن تي خيالن ??و اظهار ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا، جڏهن ته وفاقي وزير نجڪار?? ڪميشن بورڊ جي سمورن ميمبرن جي سمورين تجويزن کي ڌار ڌار ٻُڌو. جڏهن ته اجلاس ۾ ٻين منصوبن جي نجڪاري جي حوالي سان به اهم مع??ملا غور هيٺ آيا.