اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ٻن ڏينهن جي دوري تي ملتان پهچي ويو، ايئرپورٽ پهچڻ تي عوامي ??مائندن ۽ پارٽي جي مقامي ??يادت سيد يوسف رضا گيلاني جو استقبال ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايڊيشنل چيف سيڪريٽري فواد هاشم رباني، ڊپٽي ڪمشنر و??يم حامد سنڌو، سي پي او صادق ڊوگر سميت ٻين انتظامي عملدارن پڻ ملتان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي وقتي صدر جو استقبال ڪيو. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سڀاڻي ملتان ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجي قيام دوران مختلف وفدن سان ملاقاتون ڪندو.