اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مستونگ ۾ بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ??هي ته دهشتگردن جو اسڪول جي ٻارن تي حملو بلوچستان ۾ انهن جي تعليم دشمني جو ث??وت آهي، دهشتگرد اهڙي بزدلاڻي حملن سان اسان جا قوم جا حوصلا ڪمزو?? نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڌماڪي ۾ ٽن ٻارن ۽ هڪ پوليس اهلڪار جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي. وزيراعظم واقعي جي ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن کي سزا ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ??ه دهشتگردن جو حملو بلوچستان ۾ انهن جي تعليم دشمني جو ث??وت آهي. دهشتگرد اهڙي بزدلاڻي حملن سان اسان جي قوم جا حوصلا ڪمزو?? نه ٿا ڪري سگهن. اهڙا حملا حڪومت جي بلوچستان ۾ تعليم جي ترقي جي فروغ جي عزم ک?? ڪمزو?? نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ??ه دهشتگردي جي ان لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين انهن جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم چيو ??ه ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قربانيون ڏيندڙ پوليس آفيسرن ۽ جوانن تي سڄي قوم ک?? فخر آهي.