استنبول-23 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي استنبول ۾ ترڪيه جي دفاع واري وزير يسر گلير (Yasar Guler) سان اهم ملاقات ڪئي. ترڪيه جي دفاع واري وزير استنبول ۾ انٽرنيشنل ايڪسپو ۾ شرڪت تي وفاقي وزير محسن نقوي جو ٿورو مڃيو. وفاقي وزير محسن نقوي ترڪيه جي دفاع واري وزير کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ آئيڊياز ايڪسپو ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن جي معاملن سميت پاڪ ترڪيه لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ واپار وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ٻطرفي سهڪار جي مو??ود?? رفتار کي ساراهيو. ملاقات ۾ بهترين گڏيل مفادن ۾ سهڪار وڌائڻ جون وڌيڪ راهون ڳولڻ جي عزم ??و ورجاءُ ڪيو ويو. ملاقات ۾ پاڪستان مان ??وشت جو روانگي واپار وڌائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ترڪيه پاڪستان ??ان ??وشت جي روانگي واپار لاءِ هر ممڪن تعاون جي آڇ ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي ترڪيه جي وزير طرفان ??وشت جي روانگي واپار جي آڇ جي آجيان ??ئي. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ترڪيه حڪومت جي آجيان ??نداسين. ٻطرفي تعاون کي پائيدار بنيادن تي هموار ڪرڻ لاءِ گڏيل و??دن جا دورا ضروري آهن. گهرو وزير محسن نقوي استنبول ۾ عالمي نمائش لاءِ ترڪيه حڪومت جي بهترين انتظامن کي ساراهيو. ترڪيه حڪومت جي اعليٰ عملدارن کانسواءِ پاڪستاني سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به ان موقعي تي موجود هو.