اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيمه پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياست ڪرغ??ست??ن وچ ۾ ٻطرفن واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ٻطرفن معاهدن تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪرغ??ست??ن جي ناڻي واري وزير دانيارا منگلديوف جي قيادت ۾ ڪرغ??ست??ن جي وفد سان ملاقات ۾ چئي، اها ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ٿي جنهن سان پاڪستان ۽ ڪرغ??ست??ن وچ ۾ جاري دوستي ۽ حصيداري جي عڪاسي ٿي رهي آهي. وفاقي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي 23 هين ڪائونسل جي سربراهن جي اجلاس ۾ ڪرغ??ست??ن جي وفد جي شرڪت کي ساراهيو. اجلاس ۾ ڌرين واپار ۾ اضافي جي اهميت تي اتفاق ڪي?? جيڪو هن وقت8.63ملين ڊالر آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته مالي سال2023ع ۾ پاڪستان جو ڪرغ??ست??ن ڏانهن روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 3.33 ملين ڊالر ۽ آمدني واپار 5.3 ملين ڊالر رڪارڊ ڪي?? ويو آهي جنهن ۾ اضافو ضروري آهي. هن انهن انگن اکرن کي وڌائڻ ۽ موجوده واپاري عدم توازن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وفاقي وزير نومبر 2023ع ۾ ٿيل پاڪ – ڪرغ??ست??ن بين الحڪومتي ڪميشن جي چوٿين اجلاس جي مثبت نتيجن جي تصديق ڪئي ۽ پاڪستان طرفان انهن معاهدن تي عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪي??. ملاقات ۾ واپار، زراعت، توانائي، کاڻين، ڊجيٽل ترقي، سياحت، صحت، بئنڪنگ ۽ تعليم جهڙن مختلف ??عب?? ۾ گڏيل تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. احد خان چيمه زراعت ۽ واپار جهڙن اهم ??عب?? ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپس قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ايندڙ پنجين اجلاس جي ميزباني جي خواهش جو اظهار ڪي?? ۽ ان طريقيڪار ذريعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. ملاقات ۾ هڪ ٻي اهم رخ، ”ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ“ ۽ زراعت ۽ واپار ۾ تعاون لاءِ لاڳاپيل مفاهمت جي يادداشتن کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ هو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغ??ست??ن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان ڏس ۾ گڏيل واپار جي حقيقي صلاحيت مان فائدي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.