راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربرا??ه جنرل عاصم منير سان بيلاروس جي وزيراعظم رومن گولوو چينڪو ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي جي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سيڪيورٽي ۽ دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آ?? م??جب آرمي چيف عالمي ۽ علائقائي معاملن ۾ بيلاروس جي خدمتن کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ عسڪري ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. بيلاروس جي وزيراعظم علائقائي ام?? ۽ ??ستحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي مُک ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سندن پيشيوراڻي مهارتن ۽ قربانين کي ساراهيو.