اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اقليتي ڪميشن جي ??يمبر البرٽ ڊيوڊ چيو آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم(ايس سي او) ڪانفرنس جي ??وقعي تي احتجاج جو سڏ ڏيڻ افسوسناڪ آهي، ان سان نه صرف ملڪ ۾ انتشار پکي??ڻ جو خطرو آهي پر عالمي سطح تي به وطن عزيز کي شرمندگي جو منهن ڏسڻو پوندو. سومر ڏينهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ رهندڙ مذهبي اقليتون ايس سي او ڪانفرنس جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهن ته ان ڪانفرنس ذريعي ملڪ ۾ خوشحالي جي ??ئين دور جي شروعات ٿيندي. اقليتي ڪميشن جي ??يمبر چيو ته هن وقت وطن عزيز جنهن نازڪ دور مان گذري رهيو آهي ان ۾ سموري سياسي پارٽين کي گڏجي ??لڪي ترقي لاءِ سوچڻ گهرجي. البرٽ ڊيوڊ چيو ته احتجاجي سياست سان قومي مفادن کي شديد نقصان ٿيندو ۽ وطن عزيز وڌيڪ نقصان برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي ڪانفرنس ملڪ ۾ معاشي ترقي آڻڻ لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿي سگهي ٿي، ان لا??ِ ملڪ جي ??سيع مفادن کي نظر ۾ رکندي ايس سي او ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ نمائندن جي ??اڪستان آمد جي ??وقعي تي سمورين سياسي پارٽين وچ ۾ ملي يڪجهتي ۽ هم آهنگي جو نظر اچڻ ضروري آهي.