اسلام آب??د-24 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت ب??بت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار ڀرٿ جي خاص هدايت تي پمز اسپتال لاءِ ايڇ وي اي سي منصوبي جي پي سي ون منظور ڪئي وئي ??هي. ڪالهه جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر مختار چيو ته 1700 ٽن ايڇ وي اي سي جي گنجائش 2500 ٽن تائ??ن وڌائي وئي. هن چيو ته منصوبي جي پي سي ون منظور ٿي وئي ??هي، جڏهن ته ان منصوبي تي 1654 ملين رپيا ل??ڳت ايندي ۽ 6 مهينن اندر منصوبو مڪمل ٿيندو. هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سڌارن جو سلسلو جاري آهي. گرمين جي موسم ۾ مناسب ڪولنگ سسٽم نه هئڻ سبب مريضن کي ڏُکيائيون درپيش آهن، انهن قدمن سان گرمي جي موسم ۽ سياري ۾ گرمي پد معتدل رهندو. هن چيو ته عوام جي بهتري ۽ اسپتالن ۾ جديد سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي ??هيا آهيون، سرڪاري اسپتالن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جو پختو عزم ڪيو آهي.