اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي سال??ره?? تي چين جي صدر شي جن پنگ پاران مبارڪباد واري پيغام ۽ نيڪ خواهشن تي سند?? ٿورا مڃيا آهن. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته صدر شي جن پنگ پاران منهنجي سال??ره?? جي موقعي تي نيڪ خواهشن جي اظهار تي سند?? ٿورا ادا ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته ان خيرسگالي جي جذبي جي لاءِ سند?? ٿورائتو آهيان جيڪو پاڪستان ۽ عو??مي جمهوريه چين جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچاري جي مضبوط رشتي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اسان گڏجي گڏيل مستقبل سان هڪ خوشحال پاڪستان چين ڪميونٽي جي تعمير جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندا رهنداسين.